بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا جي موت وارو معاملو اڃان تائين ڳجهارت بڻيل آهي

بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا جي موت وارو معاملو اڃان تائين ڳجهارت بڻيل آهي، لاڙڪاڻي، سکر ۽ ٻين شهرن ۾ هندو برادري، سول سوسائٽي، شاگردن سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن احتجاجي مظاهرا ڪندي وي سي کي فوري طور هٽائڻ ۽ معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

شاگردياڻي نمرتا جي پر اسرار موت واري واقعي خلاف هندو برادري ۽ سول سوسائٽي سميت مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ريلي جناح باغ چوڪ تي مظاهرو ڪيو ويو.

شاگردياڻي نمرتا جي پر اسرار موت واري واقعي خلاف سکر جي غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن پاران ڏيئا ٻاري احتجاج

شاگردن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري هٿن ۾ پلي ڪارڊز کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڏيئا ٻاري شاگردياڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي.

ٽنڊو ڄام ۾ سنڌ زرعي يونيوسٽي جي شاگردن به نمرتا جي پرار موت خلاف ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو.

ميرپور بٺوري ۾ سنڌ دوست اتحاد پاران دانيال ميمڻ، صابر سنڌي ۽ ساجد خواجه جي اڳواڻي ۾ شاگردياڻي نمرتا واري واقعي خلاف جي ايم سيد چوڪ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ پاران ميرپوربٺورو ۾ قادربخش زئور، ايس ٽي پي جي عبدالغني ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

دادو  ۾ شاگردياڻي نمرتا جي وارثن سان انصاف لاءِ سنڌيونيورسٽي ڪئيمپس دادو ۽ ڊگري ڪاليج جي شاگردن  احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

قمبر ۽ گمبٽ  ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ريليون ڪڍي شاگردياڻي نمرتا جي فوت ٿيڻ واري معاملي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

گهوٽڪي پريس ڪلب اڳيان سول سوسائٽي ۽ هندو برادري  طرفان شاگردياڻي نمرتا  لاءِ ڏيئا ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي ۽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مٺي ۾شاگردياڻي نمرتا جي پر اسرار موت واري واقعي خلاف باشعور نوجوان فورن طرفان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ٺل  ۾ ساگردياڻي نمرتا جي پر اسرار فوتگي ۽ وي سي پاران صحافي کي چماٽ هڻڻ خلاف مجيد نوناري، حفيظ سومرو، نماڻو نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

خيرپور ناٿن شاھ ۾ نمرتا جي موت ۽ ميرپورماٿيلو ۾ وي سي انيلا عطا الرحمان پاران صحافي کي چماٽ هڻڻ خلاف ايس ٽي پي ۽ جي يو آءِ پاران ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو.

ميرپورماٿيلو  ۾ نمرتا جي پر اسرار موت واري واقعي خلاف مختلف سياسي سماجي تنظيمن پاران ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري شهيد شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وي سي خلاف نعريبازي ڪئي.

فيض گنج ۾ شاگردياڻي نمرتا واري واقعي خلاف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن عبدالباقي شر، مصدق ميمڻ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو.

اڳواڻن چيو ته بيبي آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ شاگردياڻي جو موت وڏو سانحو آهي، يونيورسٽي انتظاميه توڙي وي سي جاچ کان اڳ ئي چون ٿا ته واقعو آپگهات جو آهي.

هنن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر شاگردياڻي جي موت کي آپگهات قرار ڏيڻ وارا بيان ڏئي رهي آهي، جنهن جي مذمت ڪيون ٿا.

هنن مطالبو ڪيو ته وي سي کي فوري طورهٽائي نمرتا واري واقعي جي عدالتي جاچ ڪرائي حقيقتون عوام سامهون آنديون وڃن ۽ وارثن سان انصاف ڪيو وڃي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*