پي ٽي آءِ جي ايم پي اي حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ سيڪشن 420 لاڳو آهي

پي ٽي آءِ جي ايم پي اي حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ سيڪشن 420 لاڳو آهي، ويڪسين نه ملڻ سبب معصوم ٻار فوت ٿي رهيا آهن،نمرتا جي وارثن سان به انصاف ٿيڻ گهرجي،ڪراچي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ دعا ڀٽو، شاهنواز جدون ۽ ٻين سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته سڪرنڊ ۾ ويڪسين سينٽر قائم ڪرڻ لاءِ 4 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا، 500 ويڪسين تيار پيل آهن، پر وصول نه ڪيون ويون آهن.

هن ٻڌايو ته سنڌ حڪومت جي نااهلي ڪري نينگر مير حسن ڇتي ڪتي جي چڪ جي ويڪسين نه ملڻ سبب تڙپي تڙپي دم ڏنو.

حليم عادل شيخ چيو ته پنجاب ۾ به پوليس آرڊر کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، زينب جي قاتلن کي سرعام ڦاهي ڏني وڃي ته اهڙا واقعا پيش نه ٿيندا.

هن چيو تهنمرتا جي وارثن سان به انصاف ٿيڻ گهرجي.

حليم عادل شيخ وڌيڪ چيو ته 70سيڪڙو ايمبولينسز ڊاڪٽرن جي گهرن جو ڪم ڪار ڪنديون آهن، رڳو 30 سيڪڙو ايمبولينسز عوام لاءِ مخصوص آهن، پر اهي به پئسا وٺڻ کانپوءِ ڏنيون وينديون آهن، جيڪو عوام سان ظلم آهي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*