پنهنجي وڊيو بيان ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي پاڪستان جون هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي

پاڪستان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي آمريڪا وڃڻ لاءِ پنهنجون هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

پنهنجي وڊيو بيان ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي پاڪستان جون هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هن چيو ته ڀارت مان درخواست آئي هئي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي جرمني وڃڻو آهي ۽ ان لاءِ کيس 20 سيپٽمبر تي وڃڻ ۽ 28 سيپٽمبر تي واپس ورڻ لاءِ پاڪستان جون هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.

شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ ڀارتي روئي کي ڏسندي اسان ڀارت جي درخواست رد ڪئي آهي ۽ ان بابت ڀارتي هاءِ ڪميشن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي.

ياد رهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ خطاب ڪندو.

ان کان اڳ پاڪستان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي پنهنجون هوائي حدون استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏني هئي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*