سنڌ ۾ ڇتي ڪتي جي چڪ کان بچاءَ واري ويڪسين اڻلڀ ٿيڻ خلاف سانگهڙ ۾ سماجي اڳواڻ پاران انوکو احتجاج ڪيو ويو

سنڌ ۾ ڇتي ڪتي جي چڪ کان بچاءَ واري ويڪسين اڻلڀ ٿيڻ خلاف سانگهڙ ۾ سماجي اڳواڻ پاران انوکو احتجاج ڪيو ويو، سماجي اڳواڻ عامر راجپوت ڪتي جو آواز ڪڍي صحت کاتي جي نااهلي خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

احتجاج ڪندي سماجي اڳواڻ عامر راجپوت چيو ته سانگهڙ ضلعي سميت سڄي سنڌ ۾ ڪتي جي چڪ کان بچاءَ واري ويڪسين اڻلڀ آهي، جيڪا صحت کاتي جي عملدارن جي نااهلي کي ظاهر ڪري ٿي.

هن چيو ته شڪارپور ۾ ڇتي ڪتي جي ڏاڙهڻ واري واقعي جو ڪيس صحت واري سيڪريٽري خلاف داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي، ته جيئن کيس ذميواري جو احساس ٿئي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*