احتساب عدالت پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جو ٻن ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو

اسلام آباد جي احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ گرفتار پيپلز پارٽي جي گرفتار اڳواڻ خورشيد شاهه جو ٻن ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو ۽ کيس 21 سيپٽمبر تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

نيب جي ٽيم آمدني کان وڌيڪ اثاثا ڪيس ۾ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو

ان موقعي تي اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي وچ ۾ ملاقات به ٿي

خورشيد شاهه کي پيش ڪيو ويو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري سندس استقبال ڪيو ۽ سيني سان لڳايو

شنوائي دوران  نيب ڄاڻايو ته خورشيد شاهه  کي احتساب عدالت سکر ۾ پيش ڪرڻو آهي

جج محمد بشير معلوم ڪيو ته  ڪيترو ٽائيم لڳندو آهي؟ خورشيد شاهه چيو ته  فلائيٽ ذريعي ٻه ڪلاڪ لڳندا آهن. نيب جي جاچ آفيسر چيو ته خورشيد کي پهرين فلائيٽ ذريعي سکر نيو ويندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*