وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ سعودي عرب جي دفاع واري سان ملاقات ڪئي

ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهتل وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪري کيس والاريل ڪشمير جي خراب صورتحال تي آگاهي ڏني.

وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ سعودي عرب جي دفاع واري سان ملاقات ڪئي جنهن دوران ٻطرفي دلچسپي وارن معامن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.

ولي عهد سان ملاقات دوران وزيراعظم عمران خان کيس والاريل ڪشمير جي صورتحال تي آگاهه ڪيو ۽ وزيراعظم سعودي عرب جي آئل فيلڊز تي ڊرون حملن جي به مذمت ڪئي.

ان کان اڳ مَڪه جي رائل ٽرمينل پهچڻ تي گورنر خالد الفيصل بن عبدالعزيز وزيراعظم عمران خان جي آجيان ڪئي.

پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي وارو صلاحڪار حفيظ شيخ ۽ خاص معاون ذلفي بخاري به وزيراعظم عمران خان سان گڏ آهن…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*