نمرتا جي مبينا قتل واري واقعي خلاف اسلام آباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

گهوٽڪي واقعي ۽ آصفه ڊينٽل ڪاليج ۾ شاگردياڻي نمرتا جي مبينا قتل واري واقعي خلاف اسلام آباد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

مهراڻ ڪائونسل، سنڌي عورت تنظيم ۽ هندو سنگت جي سڏ تي  ڊاڪٽر قاسم سومرو،  ثناالله امان، احسن ملاح،   ڀاڳچند پرمار ۽ ٻين جي اڳواڻي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ شاهه عبداللطيف جي ڌرتي آهي، پرامن سنڌ ۾ هڪ سازش تحت وڳوڙ ڪرايا پيا وڃن.

هنن چيو ته منظم سازش تحت سنڌ ۾ فساد ڪرايا پيا وڃن ۽ گهوٽڪي ۾ هڪ ٻار جي چوڻ تي هنگامو ڪرايو ويو، سنڌ ڪنهن به ريت مذهبي تعصب نٿي رکي.

اڳواڻن چيو ته آصفه ڊينٽل ڪالج ۾ شاگردياڻي نمرتا کي قتل ڪري آپگهات جو ڊرامو رچايو ويو آهي.

اڳواڻن مطالبو ڪيو ته شاگردياڻي نمرتا جي قاتلن کي گرفتارڪيو وڃي، تعليمي ادارن ۾ قتل ۽ غارت کي روڪڻ  ۽ سسٽم جي تبديلي لاءِ قدم کنيا وڃن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*