سانگهڙ ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو

سانگهڙ ويجهو هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، جنهن جي وارثن احتجاج ڪندي جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 45ورهين ڪنڊو عرف ٽوھه شر مارجي ويو، جنهن جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو ويو.

مقتول جي وارثن احتجاج ڪندي  چيو ته ڪنڊو عرف ٽوھه شر کي نظاماڻي برادري جي چئن ماڻهن ڪھاڙين جا وار ڪري بيدردي سان قتل ڪيو، جنهن جو لاش ڳوٺاڻن اسپتال منتقل ڪيو.

هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*