واهي پانڌي جوهي روڊ تي نئين جي وهڪرن مٿان پلن جي تعمير لاءِ علائقي واسين پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي

واهي پانڌي جوهي روڊ تي نئين جي وهڪرن مٿان پلن جي تعمير لاءِ علائقي واسين پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي.

واهي پانڌي شهر جي مختلف سياسي سماجي مذهبي ۽ شهري تنظيمن صالح کوسو، محمد نواز برهماڻي،لياقت رستماڻي  ۽ فيصل جمالي جي اڳواڻي ۾ 22 ڏينهن به احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

اڳواڻن چيو ته واهي جوهي روڊ سان کيرٿر جبل مان وهي ايندڙ جابلو نئين جي رستي سان پلون انتهائي ضروري آهن پر سرڪار ان مسئلي تي ڌيان نٿي ڏئي.

هنن چتاءُ ڏيندي چيو ته پلن جي تعمير تائين احتجاج جو سلسلو جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*