ڪراچي ۾فيوچر سمٽ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي جنرل زبير محمود حيات چيو ته ڪشمير دنيا جي وڏي جيل ۾تبديل ٿي چڪو آهي

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات چيو آهي ته عالمي نظام ۾بي اعتمادي وارو ماحول آهي،جنهن سبب عالمي امن ۽ تحفظ کي خطرو آهي، بي اعتمادي جي ڪري دنيا ۾ فوجي تڪرارن جو خطرو به وڌي رهيو آهي، ڪراچي ۾فيوچر سمٽ جي پڄاڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي جنرل زبير محمود حيات چيو ته ڪشمير دنيا جي وڏي جيل ۾تبديل ٿي چڪو آهي،گڏيل قومون اختلافن ۽ مسئلن کي حل ۾ناڪام رهيون آهن، جنهن سبب سندن اهميت به ختم ٿي رهي آهي.

 هن وڌيڪ چيو ته خطي جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي،تعليم جي معيار کي عالمي سطح تي آڻڻ لاءِ فهم کي هٿي ڏيڻي پوندي.

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات تقريب کي خطاب ڪندي وڌيڪ چيو ته 21 هين صدي جي گهرجن موجب افرادي قوت تيار ڪرڻي پوندي.

هن چيو ته تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻو پوندو، امن ۽ استحڪام لاءِ خطي کي نئين ورلڊ آرڊر جي ضرورت آهي.

جنرل زبير محمود حيات چيو ته دنيا جي تبديل ٿيندڙ حالتن سان نوان چيلينجز پيدا ٿي رهيا آهن، ڀارت خطي جو ٻيو سڪيورٽي فراهم ڪندڙ ملڪ بڻجڻ چاهي ٿو.

هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير جي صورتحال خطي جي امن ۽ سڪيورٽي لاءِ بهتر ناهي، ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.

هن چيو ته   عالمي طاقتن ڏکڻ ايشيا جي سڀني ملڪن کي ڦاسائي رکيو آهي، جيئن هو پنهنجا مقصد ماڻي سگهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*