سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته  ٽيڪنالاجي جي مدد سان ئي اسان اڳتي وڌي سگهون ٿا

سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته  ٽيڪنالاجي جي مدد سان ئي اسان اڳتي وڌي سگهون ٿا، ڏيڍ سئو سال اڳ مسلمانن کي احساس ٿيو ته جديد تعليم حاصل نه ڪئي ته دنيا کان پوئتي رهجي وينداسين.

سپريم ڪورٽ جي ويب سائٽ ۽ ريسرچ سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته مدرسي يا اسڪول سميت ڪنهن به اداري ۾ جديد ٽيڪنالاجي کانسواءِ اڳتي وڌي نه ٿو سگهجي.

هن چيو ته اسان عدالتي نظام ۾ جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي آهي، اِي ڪورٽ کانپوءِ ريسرچ سينٽر به قائم ڪيو ويو آهي، آرٽيفيشل انٽيلي جنس کي به متعارف ڪرايو ويو آهي.

ٽيڪنالاجي جي جدت بابت ڳالهائيندي چيف جسٽس چيو ته سال 1991ع ۾ منهنجي ڌيءَ پهرين ڪلاس ۾ ڪمپيوٽر جي ڪلاس ورتي، پهريون ڀيرو موبائيل ۽ ڪمپيوٽر ڏسي حيراني ٿي.

تقريب جي آخر ۾ اي ڪورٽ سسٽم، ريسرچ سينٽر ۽ ويب سائيٽ جي تياري ۾ سهڪار ڪرڻ وارَي نادرا ۽ سپريم ڪورٽ جي عملي کي اعزازي شيلڊز به ڏنيون ويون……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*