پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته پارليامينٽ جي اجلاس دوران خورشيد شاهه جي گرفتاري ڏک جي ڳالهه آهي

پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ اعتزاز احسن چيو آهي ته پارليامينٽ جي اجلاس دوران خورشيد شاهه جي گرفتاري ڏک جي ڳالهه آهي، پارٽي اعلان ڪري چڪي آهي ته حڪومت خلاف ڊسمبر کانپوءِ ميدان تي اينداسين.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته هاڻي مارڪيٽ ۾ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي گرفتاري جي ڳالهه هلي رهي آهي.

هن چيو ته مراد علي شاهه گرفتار ٿيو ته جيل ۾ ويهي به سنڌ حڪومت هلائي ويندي ۽ سنڌ ڪابينا جا اجلاس به جيل ۾ ڪيا ويندا.

سندس چوڻ هو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چئي ڇڏيو آهي ته ڊسمبر تائين حڪومت نه وئي ته پوءِ ميدان تي اچبو، غير جمهوري قوتن خلاف سياسي طور تي تبديلي چاهيون ٿا.

پ پ اڳواڻ اعتزاز احسن چيو مولانا فضل الرحمان مذهب جي نالي تي ماڻهن کي گڏ ڪرڻ چاهي ٿو، پر اسان ان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، حڪومت مهانگائي سبب عوام کي پنهنجي خلاف ڪري پئي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*