وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجو مقصد گڏيل قومن ۾ وڃڻ کان اڳ سعودي حڪومت کي والاريل ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ هو،

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته منهنجو مقصد گڏيل قومن ۾ وڃڻ کان اڳ سعودي حڪومت کي والاريل ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪرڻ هو، ڪشمير مسئلي کي سموري دنيا ۾ اجاگر ڪرڻو آهي.

جدَي ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا هڪ نئين سطح تي پهچي ويا آهن، سعودي عرب هر ڏکئي وقت ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي.

هن چيو ته ڪشمير ۾ اسان جا ڀائر ڏکئي وقت مان گذري رهيا آهن، ڪشمير هڪ عالمي مسئلو بڻجي ويو آهي ۽ سموري دنيا اسان کي بيانئي کي تسليم ڪيو آهي.

سندس چوڻ هو ته اوآءِ سي ڪشمير بابت اسان جي حمايت ڪئي آهي، گڏيل قومن ۾ به ڪشمير مسئلي کي ڀرپور نموني اٿاريو ويندو.

وزيراعظم عمران خان چيو ته قائداعظم اڳ ئي سمجهي ويو هو ته مسلمانن کي هندستان ۾ پنهنجا حق نه ملندا جيڪي اڄ مودي جي قدمن مان ثابت به ٿي ويو آهي.

هن چيو ته اسان کي قرضن جو بار وراثت ۾ مليو هو، هر شعبي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، ڪافي مشڪلاتن ۽ رڪاوٽن کي منهن ڏنو آهي، سيڙپڪاري کي هٿي  ڏيڻ پهرين ترجيح آهي.

عمران خان چيو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ قانوني سڌارا آڻي رهيا آهيون ته جئين انهن جي سيڙپڪاري جو تحفظ ٿي سگهي

وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان جي حڪومت ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪري رهي آهي ته جيئن سيڙپڪارين کي وڌيڪ سيڙپ جا موقعا ملي سگهن….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*