پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد مير مرتضِيٰ ڀٽو کي سازش تحت قتل ڪيو ويو

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد مير مرتضِيٰ ڀٽو کي سازش تحت قتل ڪيو ويو، ساڳي ئي سازش تحت آصف زرداري خلاف به ڪيس ٺاهيا ويا آهن

هڪ جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي مامي شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي 23 هين ورسي جَي موقعي تي شاندار لفظن ۾ ڀيٽا پيش ڪئي آهي

بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو آمر ضياءَ خلاف جدوجهد ڪئي، ان دوران آمريتي قوتن پاران کيس تمام گهڻي تڪليف پهچائي وئي

هن چيو ته مير مرتضيٰ ڀٽو اڃا جوان هو ته هڪ آمر سازش رچائي ۽ سندس والد ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاهي ڏياري،  شهيد مرتضيٰ ڀٽو ۽ شهيد شاهنواز کي جلا وطن ٿيڻ تي مجبور ڪيو ويو ۽ جتي به ويا سندن تعاقب ڪيو ويو

بلاول ڀٽو چيو ته اسان شهيد ڀٽو جي ٽئين نسل آهيون، جن کي آمر ضياءَ جي باقيات هڪ ڊگهي سازش تحت نشانو بڻائي رهي آهي، شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪرڻ جو مقصد بينظير ڀٽو جي عوامي حڪومت ڪيرائڻ هو

پ پ چيئرمين وڌيڪ چيو ته ساڳي سازش تحت آصف علي زرداري خلاف به ڪوڙا ڪيس قائم ڪيا ويا آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*