سنڌ ۾ صحت جي صورتحال ٻين صوبن کان بهتر آهي: عذرا پيچوهو

صحت واري صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو دعويٰ ڪئي آهي ته لاڙڪاڻي جي اينٽي ربيز سينٽر ۾ ويڪسين موجود هئي پر ڪـُتي چڪيل ٻار کي 40 ڏينهن کانپوءِ اسپتال آندو ويو، انڪري کيس ويڪسين نه ڪئي وئي

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صحت واري صوبائي وزير عذرا فضل پيچوهو چيو ته لاڙڪاڻي جي اينٽي ربيز سينٽر تي آندل شڪارپور واسي ڪتي چڪيل ٻار کي دير سان آڻڻ سبب هائيڊرو فوبيا ٿي وئي هئي، ميڊيڪل ليول جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ٻار کي ويڪسين نه ڪئي وئي، ان ڪري ٻار فوت ٿي ويو.

هن چيو ته اينٽي ربيز ويڪسين وڌيڪ گهرائي رهيا آهيون، اسپتالن جي ايم ايس کي سختيءَ سان هدايت ڪئي آهي ته ويڪسين ختم ٿيڻ جو وقت تي اطلاع ڏنو وڃي پر اهي آگاهه نٿا ڪن

صحت واري صوبائي وزير چيو ته ڊي ايڇ او ۽ ايم ايس کي پابند بڻايو ويندو ته اهي ويڪسين جي کوٽ کان آگاهه ڪن، آگاهه نه ڪندڙ ايم ايس کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويندا

هڪ سوال جي جواب ۾ صحت واري صوبائي وزير چيو ته ٻين صوبن جِي ڀيٽ ۾ سنڌ اندر صحت جي صورتحال بهتر آهي، هيلٿ سيڪٽر ۾ گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن

عذرا فضل پيچوهو جو وڌيڪ چوڻ هو ته صوبي اندر 2020   کان فيملي پلاننگ ڪري رهيا آهيون، ڪوشش هوندي ته بهتري آندي وڃي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*