شاگردياڻي نمرتا موت واقعو، سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا

آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا ڪماري جي پُراسرار موت واري واقعي ۾ انصاف لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

مظاهرين پاران واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جي گهُر ڪئي وئي

لاڙڪاڻي ۾ مختلف اسڪولن، ڪاليجن سان لاڳاپيل شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري نمرتا کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي.

گهوٽڪي ۾ فيمينسٽ فورم طرفان نمرتا جون تصويرون کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي پاران پريس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

حيدرآباد ۾ هندو برادري جي مانهن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف جي گهُر ڪئي وئي.

 سکر ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن گهنٽا گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

قمبر ۾ هندو پنجائت جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن طرفان ڌرمشالا کان هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.

سانگهڙ پيٽروٽڪ يوٿ جي نوجوانن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ميرپوربٺورو ۾ نوجوان اتحاد، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ ۽ ھندو برادري جي وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن علي بندر چوڪ کان ريلي ڪڍي جي ايم سيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

رتوديرو ۾ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري پريس  ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، جتي شاگردن نمرتا واقعي ۾ انصاف لاءِ شديد نعريبازي ڪئي.

غوثپور ۾ قومي امن ڪاميٽي ۽ نوجوان اتحاد طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو.

ڪشمور ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ صحافي برادري پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

نئون ديرو ۾ هندو پنچائت جي سڏ تي سول سوسائٽي ۽ شهرين پاران ميونسپل چوڪ کان هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن ٽئين ڏينهن به احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو.

ڪنب ۾ شھري اتحاد پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعرا هنيا ويا.

قاضي احمد ۾ ايس يو پي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.

ڳڙهي ياسين ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

چمبڙ ۾ ايس ٽي پي ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي نعرا هنيا ويا

ڪرمپور ۾ هندو پنچائت ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*