سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مولانا صاحب اڄ توهان جا جمهوريت لاءِ اصول ڪٿي آهن

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ مولانا فضل الرحمان تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته اڄ ڪهڙي منهن سان پارليامينٽ کي ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو؟ توهان جي جمهوريت پسندي ڪٿي آهي؟.

سوشل ميڊيا تي ڪيل ٽوئيٽ ۾ فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مولانا صاحب اڄ توهان جا جمهوريت لاءِ اصول ڪٿي آهن؟

هن چيو ته مولانا صاحب توهان جي پٽ لاءِ پارليامينٽ، پگهار ۽ رعايتون به ڪيئن حلال ٿي ويون؟

فردوس عاشق اعواڻ  چيو ته مولانا صاحب کي ڪشمير کان وڌيڪ ڪشمير ڪميٽي سان دلچسپي آهي.

خاص معاون چيو ته مولانا صاحب منسٽر ڪالوني جي گهر ڪارڻ اسلام آباد کي لاڪ ڊائون نه ڪريو.

هن چيو ته مولانا صاحب مارچ ڪشميرين جي آزادي لاءِ ڪريو، چورن لاءِ نه…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*