لاهور جي منشيات جي خاتمي واري عدالت اڳوڻي قانون جي صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي

لاهور جي منشيات جي خاتمي واري عدالت اڳوڻي قانون جي صوبائي وزير راڻا ثناءُ الله جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت پاران ڪيس ۾ شريڪ پنجن جوابدارن جون ضمانت واريون درخواستون منظور ڪيون ويون آهن.

منشيات رکڻ جي الزام هيٺ ن ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله جي خلاف ڪيس جي شنوائي ڊيوٽي جج خالد بشير ڪئي.

راڻا ثناءُ الله جي وڪيل  عدالت کي ٻڌايو  ته سندس موڪل جي خلاف ايف آءِ آر ٽي ڪلاڪ دير سان داخل ڪئي وئي ۽ سياسي ڪيس قائم ڪيو ويو آهي.

راڻا ثناءُ الله سيڪيورٽي  عملي سان گڏ لاهور جو سفر ڪري رهيو هو،گرفتاري واري جاءِ ۽ ٿاڻي جي وچ ۾ ويهن منٽن جو فاصلو آهي، پر ايف آءِ آر دير سان داخل ڪئي وئي.

هن چيو ته راڻا ثناءُ الله جي گاڏي بلٽ پروف هئي، ان جي گاڏي کي کولي نٿو سگهجي، راڻا پهريان ئي خدشو ظاهر ڪيو هو ته سندس خلاف ڪوڙو ڪيس داخل ڪري سگهجي ٿو.

اي اين ايف جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته راڻا ثناءُ الله خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ لاءِ سموريون قانوني گهرجون پوريون ڪيون ويون، هن خلاف ڪابه ذاتي ناراضگي ناهي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*