ٿر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي

ٿر ۾ غذائيت جي کوٽ ۽ بيمارين وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، سول اسپتال مٺي ۾ وڌيڪ 4 ٻارڙا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.

مٺي اسپتال ۾ ٿر جي مختلف علائقن سان واسطو رکندڙ وڌيڪ 4 ٻار فور ٿي ويا آهن، جنهن بعد هلندڙ سال فوت ٿي ويل ٻارن جو انگ وڌي 620 ٿي ويو.

ٿر  ۾ وڏي عرصي کان ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت جون ٿر جي اسپتالن ۾ سهولتون فراهم ڪرڻ واريون دعوائون رڳو دعوائون ثابت ٿيون آهن.

 ٿر ۾ موت جا ڪلور جاري آهن ، ٿر ۾ معصوم ٻارن تي موت ماٺو نه ٿيو ٿر جي اسپتالن ۾ صحت جي سهوليتن ۾ سڌارو خواب بڻجي ويو ، موت جو راڪاس وڌيڪ چار ٻارن جون حياتيون کسي ويو ٿر جي غريب هاري پورهيتن جي گلن جهڙن ٻارن جون فوتگيون رڪجي نه سگهيون ، سول اسپتال مٺي ۾ وڌيڪ چار ٻار فوت ٿي ويا آهن . ۽ گذريل پوڻا نو مهينن ۾ فوتي ٻارن جو تعداد 620 ٿي ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*