واهي پانڌي ۾ واپاري برادري ۽ رستماڻي برادري پاران گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

واهي پانڌي ۾ واپاري برادري ۽ رستماڻي برادري پاران گهرن تي پوليس چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

 احتجاج ڪندڙ رضا محمد رستماڻي،  احمد، منظور  ۽ ٻين چيو ته واهي پانڌي ٿاڻي جي پوليس رشوت لاءِ واپارين توڙي عام شهرين مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري کين پريشان ڪري رهي آهي، جيڪا سراسر ناانصافي آهي.

هنن وڌيڪ چيو ته پوليس واپاري رضا محمد رستماڻي جي گهر تي بلاجواز چڙهائي ڪري ڀڄ ڊاهه ڪئي ۽ بعد ۾ چوري جو ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو.

هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته واهي پانڌي پوليس جي زيادتين جو نوٽيس وٺي کين انصاف ڏنو وڃي…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*