ڪراچي ۾ جعلي سڪيورٽي ڪمپني ٺاهي باوردي ڏوهاري ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

ڪراچي ۾ جعلي سڪيورٽي ڪمپني ٺاهي باوردي ڏوهاري ڀرتي ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،نيو ٽائون پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ڦر ۾ ملوث 6 سڪيورٽي گارڊن کي گرفتار ڪري ورتو.

ڪراچي ۾ پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ايس ايس پي ايسٽ اظفر مهيسر چيو ته نيو ٽائون پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري ڦر ۾ملوث ڇهن سڪيورٽي گارڊ کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايس ايس پي چيو ته گرفتار جوابدارن جي نشاندهي تي ڦر ٿيل سئو موٽرسائيڪل ۽ 16 قسمن جا هٿيار به هٿ ڪيا ويا آهن.

اظفر مهيسر وڌيڪ چيو ته جوابدارن شهباز سڪيورٽي نالي جعلي ڪمپني ٺاهي هئي، 20 رڪني ٽولو ٻين ڪمپنين کان گهٽ قيمت جي لالچ ڏئي بنگلن تي پنهنجا سڪيورٽي گارڊ مقرر ڪرائيندو هو ۽ ساٿين جي مدد سان بنگلن مان ڌاڙا هڻڻدا هئا.

ايس ايس پي ايسٽ وڌيڪ چيو ته گرفتار جوابدار ڊفينس، ڪلفٽن، بهادر آباد ۽ ٻين علائقن ۾ ڪارروايون ڪري چڪا آهن……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*