آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا ڪماري جي پُراسرار موت واري واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا

 

آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا ڪماري جي پُراسرار موت واري واقعي خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا، مظاهرين پاران واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ جي گهُر ڪئي وئي آهي.

حيدرآباد ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ڊاڪٽر نمرتا جي پراسرار موت خلاف اولڊ ڪيمپس کان ريڊيو چوڪ تائين ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي.

لاڙڪاڻي ۾ مختلف اسڪولن، ڪاليجن سان لاڳاپيل شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري نمرتا کي لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي.

گهوٽڪي ۾ فيمينسٽ فورم طرفان نمرتا جون تصويرون کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

نوابشاهه ۾ ايس ٽي پي پاران پريس ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

حيدرآباد ۾ هندو برادري جي مانهن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف جي گهُر ڪئي وئي.

 سکر ۾ شهرين ۽ سول سوسائٽي جي ڪارڪنن گهنٽا گهر چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو.

قمبر ۾ هندو پنجائت جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن طرفان ڌرمشالا کان هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.

سانگهڙ پيٽروٽڪ يوٿ جي نوجوانن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

ميرپوربٺورو ۾ نوجوان اتحاد، جيئي سنڌ لبرل فرنٽ ۽ ھندو برادري جي وڏي تعداد ۾ ڪارڪنن علي بندر چوڪ کان ريلي ڪڍي جي ايم سيد چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

رتوديرو ۾ شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري پريس  ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، جتي شاگردن نمرتا واقعي ۾ انصاف لاءِ شديد نعريبازي ڪئي.

غوثپور ۾ قومي امن ڪاميٽي ۽ نوجوان اتحاد طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو ويو.

ڪشمور ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ صحافي برادري پاران پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

نئون ديرو ۾ هندو پنچائت جي سڏ تي سول سوسائٽي ۽ شهرين پاران ميونسپل چوڪ کان هٿن ۾ بينر، پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.

سنڌ زرعي يونيورسٽي جي شاگردن ٽئين ڏينهن به احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو.

ڪنب ۾ شھري اتحاد پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري نعرا هنيا ويا.

قاضي احمد ۾ ايس يو پي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.

ڳڙهي ياسين ۾ سياسي سماجي ڌرين پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

چمبڙ ۾ ايس ٽي پي ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي نعرا هنيا ويا..

ڪرمپور ۾ هندو پنچائت ۽ سول سوسائٽي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪئي وئي.

مظاهرين چيو ته سنڌ ۾امن ۽ رواداري چاهيون ٿا، نمرتا جي قتل جهڙا واقعا برداشت نه ڪيا ويندا.

هنن چيو ته  لاڙڪاڻي جي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي ڊاڪٽر نمرتا جو قتل سموري سماج جو قتل آهي.

مظاهرين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نمرتا جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*