ساليانو 15 لک رپيا آمدني رکندڙ اڳوڻي ڊي جِي پارڪس لياقت قائمخاني جَي محل جهڙي گهر مان خزاني ملڻ جو سلسلو جاري آهي

ساليانو 15 لک رپيا آمدني رکندڙ اڳوڻي ڊي جِي پارڪس لياقت قائمخاني جَي محل جهڙي گهر مان خزاني ملڻ جو سلسلو جاري آهي،سندس هڪ وڌيڪ ٽجوڙي کُلي وئي، 60 ارب رپين جِي ماليت جو سون، ڪرنسي، سڪا، بانڊز ۽ ٻيون قيمتي شيون هٿ ڪيون ويون آهن.  نيب ٽيم ڪرپشن جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل لياقت قائمخاني کي گهر آڻي پنهنجي هٿن سان ٽجوڙي کولرائي.

نيب ذريعن موجب ٽجوڙي مان 60 ارب رپين جي ماليت جون شيون مليون آهن.

ٽجوڙي مان هٿ آيل 60 ارب رپين جي ماليت ۾ ڪرنسي، سون جا 5 سيٽ، سونا سڪا، بانڊز ۽ ٻيون قيمتي شيون شامل آهن.

واضح رهي ته  2 ڏينهن اڳ نيب  اڳوڻي ڊي جي پارڪس لياقت قائمخاني کي گرفتار ڪيو هو،اڄ رات کيس اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو.

منتقلي کانپوءِ لياقت قائمخاني جو اسلام آباد جي عدالت مان رمانڊ حاصل ڪيو ويندو……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*