لاڙڪاڻي جي بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا جي پراسرار موت جي جاچ 5 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي

 لاڙڪاڻي جي بي بي آصفه ڊينٽل ڪاليج جي شاگردياڻي نمرتا جي پراسرار موت جي جاچ 5 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا تائين ڳجهارت بڻيل آهي.

شاگردياڻي نمرتا جي ڪاليج ۾ پراسرار طور فوت ٿيڻ کان اڳ ٻن شاگردن سان ڳالهيون ڪرڻ وارن منظرن تي ٻڌل ٻه ڌار ڌار سي سي ٽي وي فٽيج سامهون اچي ويا آهن.

سي سي ٽي وي  فوٽيج ۾ پوليس پاران گرفتار ڪيل شاگرد مهراڻ ابڙو ۽ علي شان ميمڻ نمرتا سان گڏ نظر اچي رهيا آهن، شاگرد علي شان ميمڻ پٽ تي ويهي نمرتا سان ڳالهائيندي نظر اچي رهيو آهي.

پوليس پاران سي سي ٽي وي فوٽيج کي به جاچ ۾ شامل ڪري وڌيڪ ٻن شاگردن کي حراست ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پوليس پاران يونيورسٽي جي هڪ پروفيسر سميت ٻين شاگردن جا بيان قلمبند ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*