لاڙڪاڻي ويجهو جوابدارن اٺن ورهين جي ٻارڙي کي تشدد ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو

لاڙڪاڻي ويجهو جوابدارن اٺن ورهين جي ٻارڙي کي تشدد ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو، علائقي واسين هڪ جوابدار کي سوگهوڪري ورتو.

ڌامراهه شهر ۾ ٽن جوابدارن ٻارڙي آصف جوڻيجو کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، سندس رڙين تي جوابدارن کيس پليٽ سان جهير ڏئي زخمي ڪري ڇڏيو.

ٻارڙي جي رڙين تي فصل ۾ ڪم ڪندڙ پورهيتن هڪ جوبدار نديم جوڻيجو کي سوگهو ڪري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته زخمي ٻارڙي کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو ويو.

ٻارڙي جي ڀاءُ الله بخش جوڻيجو جو چوڻ هو ته سندن ڪنهن سان به دشمني ناهي، گرفتار جوابدار ذريعي واقعي جا ڪارڻ معلوم ٿي سگهندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*