ڪشمور ويجهو انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻه سڳا ڀائر  فوت ٿي ويا

ڪشمور ويجهو انڊس هاءِ وي تي ٽرڪ جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ٻه سڳا ڀائر  فوت ٿي ويا، جن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا.

انڊس هاءِ وي تي تيز رفتار ٽرڪ جو موٽرسائيڪل کي ٽڪر لڳڻ سبب ٻه سڳا ڀائر 8 سالن جو  شبير احمد ۽ 15 ورهين جو غلام علي ڊومڪي ٿڏي تي فوت ٿي ويا.

اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ٻنهي ڀائرن جا لاش کڻائي ڪشمور اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.

ٻنهي ڀائرن جا مڙهه گهر آندا ويا ته گھر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*