ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ انڊسٽري جي تقريب ٿي،

ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ انڊسٽري جي تقريب ٿي، جنهن ۾اي آءِ جي غلام نبي ميمڻ، صنعتڪار محمد دانش خان، سينيٽر حسين خان ۽ ٻين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي.

اي آءِ جي غلام نبي ميمڻ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته صنتعڪارن جي ڳالهين سان منهنجو حوصلو وڌيو آهي، جڏهن عوام ۽ پوليس گڏ هوندي ته دهشتگرد ڪمزور ٿيندا.

هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن اسان هڪ ٻئي جي خلاف هونداسين ته دهشتگرد فائدو کڻندا.

هن چيو ته انفرادي حيثيت ۾ ڪوبه سٺو يا خراب ناهي هوندو، ڪنهن هڪ سبب جي ڪري اداري کي خراب نٿو چئي سگهجي، هر خراب ڪم ڪندڙ اهلڪار کي سزا ڏني پئي وڃي. اي آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو ته پوليس ۽ شهرين کي گڏجي شهر لاءِ ڪم ڪرڻو آهي،شهرين کي ذميواري جو احساس ڪرڻو پوندو.

ڪورنگي ايسوسيئشن جي صدر محمد دانش خان  چيو ته ڪراچي پاڪستان جو فنانشل حب آهي، ڪورنگي ۾ صنعتن اندر 15 لک کان وڌيڪ پورهيت ڪم ڪندا آهن.

هن چيو ته  پهريان ڀنگ لاءِ اغوا ڪرڻ ۽ ڌمڪيون ڏيڻ جو وڏو مسئلو هو، جيڪو هاڻي گهڻي ڀاڱي ڪنٽرول ٿي ويو آهي.

هن چيو ته ٽريفڪ تمام وڏو مسئلو آهي، برسات کانپوءِ وڏيون ڏکيائيون پيش آيون……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*