ڪراچي جي ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ون ڊي سيريز جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو

ڪراچي جي ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس ۾پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ون ڊي سيريز جي انتظامن جو جائزو ورتو ويو.

ڪراچي جي ڪمشنر افتخار شالواڻي جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڊپٽي ڪمشنر ايسٽ احمد صديقي، ڊي آءِ جي عامر فاروقي،پاڪستان رينجرز جي آفيسرن به شرڪت ڪئي.

اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته  پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ون ڊي سيريز لاءِ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

ڪراچي جي ڪمشنر افتخار شالواڻي اجلاس کانپوءَ نيشينل اسٽيڊيم ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته   پاڪ- سريلنڪا سريز ڪراچي ۾ ٿيـڻ اعزاز جي ڳالهه آهي.

هن چيو تهاسٽيڊيم اچڻ لاءِ شهرين کي شٽل سروس فراهم ڪئي ويندي.

ڪراچي جي ڪمشنر چيو ته پي ايس ايل دوران به شهرين کي بهترين سهولتون مهيا ڪيون،ڪرڪيٽ جي شوقينن کي فول پروف سڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*