وزيراعظم عمران خان سعودي جو دورو مڪمل ڪري آمريڪا روانو ٿي ويو

وزير اعظم عمران خان سعودي عرب جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ  آمريڪا روانو ٿي ويو آهي،پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي  ۽ خزاني جو صلاحڪار حفيظ شيخ وزير اعظم سان گڏ آهن

وزير اعظم عمران خان اڄ کان ستاويهه  سيپٽمبر تائين آمريڪا جو دورو ڪري رهيو آهي

عمران خان آمريڪا ۾ صدر ٽرمپ سميت ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو

عمران خان  ڪشمير جي مسئلي تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو

وزير اعظم ستاويهه سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس کي خطاب ڪندو

پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته  وزير اعظم عمران خان ٿنڪ ٽينڪ کي به خطاب ڪندو

وزيراعظم پاڪ،ترڪي ۽ ملائيشيا ٽه ملڪي چوٽي جي گڏجاڻي کي به خطاب ڪندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*