لياقت قائمخاني ٻن ڏينهن جي راهداري رمانڊ تي نيب حوالي

پنڊي جي احتساب عدالت جعلي اڪائونٽس ڪيس ۾ گرفتار اڳوڻي ڊي جي پارڪس لياقت قائمخاني جو ٻن ڏينهن جو راهداري رمانڊ منظور ڪري ورتو، عدالت حڪم ڏنو ته لياقت قائمخاني  کي سومر ڏينهن اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

ڪي ايم سي جي اڳوڻي ڊي جي پارڪس لياقت قائمخاني کي گذريل رات ڪراچي کان اسلام آباد منتقل ڪيو ويو

ٻئي طرف لياقت قائمخاني  جَي محل جهڙي گهر مان خزانو ملڻ جو سلسلو جاري آهي،نيب ذريعن مطابق لياقت قائمخاني جِي هڪ وڌيڪ ٽجوڙي کُلي وئي

نيب ٽيم دعوا ڪئي آهي ته لياقت قائمخاني جي گهر مان  10 ارب رپين جِي ماليت جو سون، ملڪي ۽ غيرملڪي ڪرنسي، سونا سڪا، بانڊز ۽ ٻيون قيمتي شيون هٿ ڪيون ويون آهن

نيب ٽيم لياقت قائمخاني کي گهر آڻي سندس هٿن سان ٽجوڙي کولرائي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*