ڪراچي مان دهشت جو دور ختم ٿي چڪو آهي، صدر ممنون حسين

صدر ممنون حسين چيو آهي ته ڪراچي مان دهشت جو دور ختم ٿي چڪو، هاڻ امن خراب ڪرڻ جي ڪنهن کي به اجازت نه ڏني ويندي.

ڪراچي جي جناح يونيورسٽي ۾ عورتن جي ڪانوڪيشن کي خطاب ڪندي صدر ممنون حسين چيو ته ڪراچي کي هڪ ڀيرو ٻيهر روشنين جو شهر بڻايو ويندو.

هن چيو ته حڪومت ۽ فوج دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

صدر جوچوڻ هو ته ڪراچي جو عوام باشعور آهي ۽ هو امن قائم ڪرڻ ۾ حڪومت جو سهڪار ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته حڪومتي قدمن سبب بلوچستان جي صورتحال بهتر ٿي آهي.

صدر ممنون حسين جو چوڻ هو ته شهر قائد مان هاڻ خوف وارو دور پڄاڻي تي پهچي چڪو آهي، پراڻيون روشنيون بحال ٿيڻ واريون آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*