ريلوي جي وفاقي  وزير شيخ رشيد چيو آهي ته  نوازشريف سان ڳالهيون ٿيون آهن

ريلوي جي وفاقي  وزير شيخ رشيد چيو آهي ته  نوازشريف سان ڳالهيون ٿيون آهن،شهباز شريف ڳالهين کي ڪامياب ڪرڻ گهري ٿو، هو اسان جو ماڻهو آهي، پر نوازشريف جو ضد معاملي کي خراب ڪري رهيو آهي، آصف زرداري جي ماڻهن پئسا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن،آصف زرداري کليل دل وارو ماڻهو آهي، جڏهن ته نون ليگ  وارا ڪنجوس آهن،هو ماني به سرڪاري پئسن مان کائيندا آهن.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته پيپلزپارٽي  ۽ نون ليگ مولانا فضل الرحمان سان گڏ هلي نٿا سگهون،مذهبي ڪارڊ تي پيپلز پارٽي فضل الرحمان سان گڏ هلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

هن چيو ته پاڪ فوج  ڀارت سان جنگ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي،جنگ جو فيصلو وزير اعظم ۽ آرمي چيف ڪندا.

شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف جي سياست امتحان ۾ آهي،هو ڳالهين کي ڪامياب ڪرائڻ جو وڏو حامي آهي.

هن چيو ته عمران خان سموري دنيا ۾ ڪشمير جي معاملي کي اجاگر ڪيو آهي،حڪومت جا تمام گهڻا ترجمان آهن، سموري حياتي ۾ ايترا ترجمان نه ڏٺاآهن.

شيخ رشيد چيو ته مولانا فضل الرحمان کي پيغام موڪليو آهي ته گرم جاءِ تي پير نه رکي.هو جيڪو ڪجهه ڪرڻ وڃي رهيو آهي،ان سان ضايع ٿي ويندو، سياسي پارٽيون ان جو ساٿ نه ڏينديون.

هن اشارو ڪندي چيو ته حڪومت چاهي ته لنڊن مان به گرفتاريون ڪرائي سگهي ٿي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*