سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سموري دنيا جون نظرون نيويارڪ ۾ جنرل اسيمبلي جي اجلاس تي کتل آهن

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته سموري دنيا جون نظرون نيويارڪ ۾ جنرل اسيمبلي جي اجلاس تي کتل آهن،پاڪستان جو 22 ڪروڙ عوام عمران خان سان گڏ آهي،ڀارت جو سلامتي ڪائونسل جو ميمبر بنجڻ جو خواب پورو نه ٿيندو.

سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ٿي رهيو آهن،عمران خان ڪشمير جي صورتحال بابت عالمي اڳواڻن کي آگاهه ڪندو.

هن چيو ته جيستائين ڀارت والاريل ڪشمير  جو گهيرو ختم نٿو ڪري  ان سان ڳالهيون ٿي نٿيون سگهن.جڏهن ته ڪشميرين کي پاڪستان مان وڏيون اميدون  آهن.

هن چيو ته وزير اعظم جي دوري جو محور مسئلو ڪشمير رهيو آهي.

هن چيو ته وزير اعظم سعودي قيادت کي ڪشمير جي مسئلي  جي حوالي سان ڄاڻ ڏني.وزير اعظم سعودي تيل جي ٺڪاڻن تي حملن جي مذمت پڻ ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*