پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمرالزمان ڪائرا چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي ڪيرائڻ سولو ڪم ناهي،

پيپلزپارٽي جي اڳواڻ قمرالزمان ڪائرا چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي ڪيرائڻ سولو ڪم ناهي، مراد علي شاهه کي گرفتار ڪيو ويو ته به هو جيل ۾ وڏو وزير ئي هوندو، لاهور ۾پريس ڪانفرنس ڪندي قمرالزمان ڪائرا چيو ته ڇا پنجاب ۾ڪرپشن جا ڪيسز نه آهن؟ احتسابي عمل جي حق ۾ضرورآهيون پرڪجهه ثابت ته ڪيو.

هن چيو ته اسان مارشل لا سان به مقابلو ڪري چڪا آهيون،گرفتاريون ڊيڄاري نٿيون سگهن.

قمر الزمان ڪائرا وڌيڪ چيو ته خورشيد شاهه خلاف 5سئو  ارب رپين جو ڪيس داخل ڪيو ويو، جيڪو ثابت نه ٿيندو.

هن چيو ته نيب پاران اڄ تائين انهن ڪيسز ۾ڪيترا منطقي انجام تي پهتا آهن؟….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*