موجوده حڪومت ڪنهن جي به نه مڃڻ واري پاليسي سبب ڏکيائين جو شڪار آهي، جهانگير ترين

تحريڪ انصاف جي سيڪريٽري جنرل جهانگير ترين چيو آهي ته موجوده حڪومت ڪنهن جي به نه مڃڻ واري پاليسي سبب ڏکيائن جو شڪار آهي، عام چونڊن ۾ ڌانڌلين جي جاچ ڪندڙ جڊيشل ڪميشن جو فيصلو اچڻ ۾ وقت لڳندو.

اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي جهانگير ترين چيو ته معيشت جي بهتري لاءِ حڪومت کي جوڳا قدم کڻڻا پوندا، نوجوان معيشت ۾ انقلاب آڻي سگهن ٿا، حڪومت کي مسئلن جي حل لاءِ ڏکيا فيصلا ضروري آهن.

هن چيو ته جڊيشل ڪميشن آڏو اڳوڻي اليڪشن ڪمشنر پنجاب جي بيان ڪيترائي سوال پيدا ڪيا آهن.

جهانگير ترين چيو ته جڊيشل ڪميشن ۾ اهم ڳالهيون سامهون اچي رهيو آهي، ڪميشن  جو فيصلو اچڻ ۾ وقت لڳندو.

هڪ سوال جي جواب ۾ جهانگير ترين چيو ته حڪومت کي اسلام آباد ۾ مارڪيٽون سوير بند ڪرڻ لاءِ حڪومت واپارين کي اعتماد ۾ وٺي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*