سامارو ۾ حيسڪو ملازم جي گهر تي حملي ۽ مهمان قتل ٿيڻ واري واقعي خلاف شهر ۾ مڪمل طور شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهروڪيو ويو

سامارو ۾ حيسڪو ملازم جي گهر تي حملي ۽ مهمان قتل ٿيڻ واري واقعي خلاف شهر ۾ مڪمل طور شٽربند هڙتال ڪري احتجاجي مظاهروڪيو ويو.

سامارو شهر ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ پيار پرڻي جي تڪرار تان هٿياربندن پاران حيسڪو ملازم جي گهر تي حملو ڪري  مهمان ڪامران ڀرڳڙي کي قتل ڪرڻ واري واقعي خلاف شهرين پاران ڪاروبار بند رکيو ويو.

واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ وڏي انگ ۾ ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

ان موقعي تي مظاهرين پاران واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*