پنوعاقل ويجهو پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري عورتن کي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو

پنوعاقل ويجهو پوليس ڳوٺ تي چڙهائي ڪري عورتن کي مبينا تشدد جو نشانو بڻايو، ڳوٺاڻن احتجاج ڪندي چيو  پوليس جي تشدد سبب 3 ڏينهن جو ٻارڙو فوت ٿي ويو آهي.

پوليس  ڳوٺ محمود خالدي تي حفيظ خالدي جي گهر تي مبينا چڙهائي ڪري ٻارن ۽ عورتن کي مبينا تشدد  نشانو بڻايو،جنهن دوران  محمد نواز خالدي  جو 3 ڏينهن جو ٻارڙو فوت ٿي ويو، جڏهن ته پوليس ٻن ڄڻن قمر ۽ عنايت خالدي کي گرفتار ڪري وئي.

احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن موجب پوليس جي تشدد ۾ سندن ٻارڙو فوت ٿي ويو آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي ذميواري اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*