ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذوالفقار مرزا جي ٽن ڪيسن ۾ 19 مئي تائين ضمانت منظور ڪري ورتي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ذوالفقار مرزا جي ٽن ڪيسن ۾ 19 مئي تائين هڪ هڪ لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي، ذوالفقار مرزا چيو آهي ته قافلو عوام کي حق ڏيارڻ تائين نه رڪبو، زرداري کي ٽوڙي بلاول ڀٽو زرداري کي واپس آڻڻو آهي.

ذوالفقار مرزا ٿاڻي تي حملي، مارڪيٽ بند ڪرائڻ ۽ ڦر لٽ وارن ٽن ڪيسن ۾ ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن دوران حفاظتي انتظام سخت ڪندي عدالت ٻاهران بڪتر بند گاڏيون بيهاريون ويون.

عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران ذوالفقار مرزا جي وڪيل اشرف سمي عدالت کي ٻڌايو ته ذوالفقار مرزا خلاف سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جنهن جو خدشو هو سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به ظاهر ڪري چڪو آهي.

اشرف سمون عدالت کي ٻڌايو ته اڳوڻي صدر آصف زرداري وڏي وزير کي گهرائي ذوالفقار مرزا خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

وڪيل عدالت کي استدعا ڪئي ته ٽنهي ڪيسن ۾ ذوالفقارمرزا جي ضمانت منظور ڪئي وڃي، جڏهن ته سنڌ حڪومت جي وڪيل عدالت ۾ دليل ڏيندي چيو ته ذوالفقار مرزا ٿاڻي تي حملو ۽ مارڪيٽون بند ڪرائي فائرنگ ڪئي، جنهن کان پڇاڳاڇا ڪرڻي آهي، انڪري کيس رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو وڃي.

عدالت ذوالفقار مرزا جي ضمانت منظور ڪندي 19 مئي تائين هڪ هڪ لک رپين عيوض سندن ضمانت منظور ڪري ورتي.

ذوالفقار مرزا جي ضمانت منظور ٿيڻ جو ٻڌي عدالت ٻاهران ۽ مرزا هائوس تي سندس حامين جهمريون هنيون، جڏهن ته عدالت ٻاهران سندس حامين ۽ مخالفن ۾ نعريبازي به ٿي.

ضمانت منظور ٿيڻ بعد پوليس بڪتر بند گاڏي تي چڙهي ميڊيا سان ڳالهائيندي ذوالفقار مرزا چيو ته اڄ عوام جي پهرين فتح ٿي آهي ۽ هي قافلو عوام کي حق ڏيارڻ تائين نه رڪبو.

ذوالفقار مرزا چيو ته عوام کي حق ڏيارڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري کي واپس آڻڻو آهي.

ان کان اڳ مرزا هائوس کان عدالت ڏانهن روانو ٿيل قافلي ۾ شامل ماڻهن جي هٿن ۾ پاڪستان جا جهنڊا هئا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*