لاڙڪاڻي جي بيبي آصفه ڊيٽنل ڪاليج ۾ شاگردياڻي نمرتا جي عدالتي جاچ واري اجازت بعد ڊي آءِ جي عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سان ملاقات ڪئي

لاڙڪاڻي جي بيبي آصفه ڊيٽنل ڪاليج ۾ شاگردياڻي نمرتا جي عدالتي جاچ واري اجازت بعد ڊي آءِ جي عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سان ملاقات ڪئي،  ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جو چوڻ آهي ته نمرتا ڪيس جي عدالتي جاچ 27 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي.

شاگردياڻي نمرتا جي عدالتي جاچ واري اجازت بعد ڊي آءِ جي عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج سان ملاقات ڪئي.

ملاقات ۾ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو مسعود بنگش سيشن جج کي نمرتا واري واقعي جي جاچ لاءِ پوليس پاران ڀرپور سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

 ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو عرفان بلوچ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نمرتا ڪيس جي عدالتي جاچ 27 سيپٽمبر کان شروع ٿيندي سيشن جج صاحب پاڻ جاچ جي نگراني ڪندو، ان دوران پوليس پاران ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو.

عرفان بلوچ جو چوڻ هو ته  شاگردياڻي جي ليپ ٽاپ ۽ موبائل فون جي ڊيٽا ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ ملي ويندي، سيشن جج جي نگراني ۾ عدالتي جاچ دوران پوليس ڀرپور سهڪار ڪندي…………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*