گلگت ۾ حادثي جو شڪار ٿيل هيليڪاپٽر لينڊنگ دوران بي قابو ٿيو، ايئر چيف مارشل سهيل امان

هوائي فوج جي سربراهه سهيل امان چيو آهي ته گلگت ۾ حادثي جو شڪار ٿيل هيليڪاپٽر لينڊنگ دوران بي قابو ٿيو، حادثي ۾ ڪنهن جو به زنده بچڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ ناهي.

سرڪاري ٽي وي سان ڳالهائيندي ايئر چيف مارشل سهيل امان چيو ته نلتر ۾ حادثي جو شڪار ٿيل هيليڪاپٽر معمول جي اڏام تي هو ۽ ٻنهي پائليٽس کي اعليٰ پيشوراڻي مهارت حاصل هئي.

هن چيو ته هيليڪاپٽر کي جتي ليڊنگ ڪرڻي هئي، اتي بيس ڪمانڊر موجود هئا پر لينڊنگ دوران هيليڪاپٽر بي قابو ٿي ويو.

ايئرچيف مارشل سهيل امان چيو ته هيليڪاپٽر سانحي ۾ ڪنهن جو به زنده بچڻ معجزي کان گهٽ ناهي.

هوائي فوج جي سربراهه جو اهو به چوڻ هو ته نلتر سانحي تي عالمي برادري پاڪستان سان ايڪي جو اظهار ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*