ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻو آهي ته عمران خان کي گهر وڃڻو پوندو: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزير اعظم عمران خان جو جنرل اسيمبلي کي خطاب ٻڌي ڪري مايوسي ٿي

وزير اعظم جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي سالياني اجلاس کي خطاب تي تبصرو ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪشمير جو مسئلو صحيح طريقي سان گڏيل قومن ۾ نه اٿاريو ويو

هن چيو ته وزير اعظم عالمي سطح تي توڙي ملڪ اندر ڪشمير جي اشو کي بهتر طريقي سان نه اٿاري رهيو آهي

هن چيو ته جيڪڏهن ڪشمير جو مسئلو حل ڪرڻو آهي ته عمران خان کي گهر وڃڻو پوندو

بلاول مولانا فضل الرحمان جي ڌرڻي جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته هنن جي دعا آهي ته مولانا فضل الرحمان جو ڌرڻو ڪامياب  ٿئي ۽ عمران خان گهر ڀيڙو ٿئي

بلاول واضح ڪيو ته هو مڪمل طور تي مولانا فضل الرحمان سان گڏ آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*