وزيراعظم جي جنرل ڪائونسل ۾ ڪيل تقرير کي سموري دنيا ۾ موٽ ملي: فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ

سڌ سماءَ بابت خاص معاون فردوس عاشق اعواڻ  چيو آهي ته وزيراعظم جي جنرل ڪائونسل ۾ ڪيل  تقرير کي سموري دنيا ۾ مليل موٽ  مان ثابت ٿيو ته  هو ڪشمير مشن ۾ ڪامياب ٿيو،وزير اعظم مظلومن جو ڪيس دنيا جي وڏي فورم تي رکي ڏيکاريو.

سوشل ميڊيا تي ٽوئيٽ ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته هاڻ عالمي ضمير جو امتحان آهي ته اهو تاريخ جي ڪهڙي پاسي بيهي ٿو

هن چيو ته مهذب دنيا مظلومن جو ساٿ ڏئي ٿي يا ڪاروبار کي انسانيت تي اوليت ڏئي ٿي

هن چيو ته ان کان اڳ  وزير اعظم هيومن رائيٽس واچ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر کي ٻڌايو ته ڀارتي فوج انسانيت جون ڌڄيون اڏائي رهي آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*