عدالت ٻارڙي عمار قتل ڪيس ۾ ڏوهه ثابت ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2012ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڀنگ لاءِ اغوا بعد قتل ڪيل ٻارڙي عمار جتوئي جي ڪيس ۾ ٻن جوابدارن کي ڦاهي ۽ ٻن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدارن کي 5-5 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو به حڪم،  جوابدارن 5 سالن جي عمار جتوئي کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪري لاش زمين ۾ پوري ڇڏيو هو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت لاڙڪاڻي ۾ ڀنگ لاءِ اغوا بعد قتل ٿيل 5 سالا ٻارڙَي عمار جتوئي جي ڪيس جو 7 سالن کانپوءِ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو

عدالت قتل جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي چئن جوابدارن عبدالغفار ۽ عبدالله مگسي کي ڦاهيءَ، زاهد ۽ علي ڏنو کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جوابدارن تي 5-5 لک رپيا ڏنڊ به وڌو ويو

جوابدارن 2012ع دوران ٻارڙَي عمار جتوئيءَ کي اغوا ڪري وارثن کان 50 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو، جيڪو نه ملڻ تي کيس قتل ڪري لاش مٽيءَ ۾ پوري ڇڏيو هو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*