وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلامو فوبيه کي منهن ڏيڻ لاءِ بي بي سي جهڙو انگريزي چينل کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسلامو فوبيه کي منهن ڏيڻ لاءِ بي بي سي جهڙو انگريزي چينل کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو نه رڳو اسلامو فوبيه کي منهن ڏيندو پر مسلمانن جا مسئلا به اجاگر ڪندو

وزيراعظم عمران خان پنهنجي ٽوئٽ ۾ نيويارڪ ۾ ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردگان ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد سان ٿيل ملاقات جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن

وزيراعظم چيو آهي ته ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد سان ٿيل ملاقات دوران انگريزي چينل کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪومسلمانن جي نمائندگي ڪندو

وزيراعظم چيو ته انگريزي چينل کولڻ جو مقصد اسلامو فوبيا خلاف وڙهڻ آهي، جيڪو بي بي سي وانگر هوندو، جڏهن ته چينل ذريعي مسلمانن جي مسئلن کي به اجاگر ڪيو ويندو

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*