مسلم ليگ نون جي سينٽرل ايگزيڪيوٽوِ ڪميٽي جو اجلاس اڄ شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿي رهيو آهي

مسلم ليگ نون جي سينٽرل ايگزيڪيوٽوِ ڪميٽي جو اجلاس اڄ شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿي رهيو آهي  ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جي تاريخ ۽ شرڪت بابت مشاورت ڪئي ويندي.

مسلم ليگ نون جي سينٽرل ايگزيڪيوٽوِ ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، جنهن جي صدارت ن ليگ صدر ميان شهباز شريف ڪندو

نواز ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته اجلاس ۾ حڪومت خلاف جي يو آءِ جي آزادي مارچ جي حوالي سان مشاوت ڪئي ويندي

مريم اورنگزيب وڌيڪ چيو آهي ته سي اي سي اجلاس ۾ مولانا فضل الرحمان جي آزادي مارچ جي تاريخ ۽ شرڪت جي حوالي سان به صلاح مشورا ڪيا ويندا

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*