کورواهه ۾ چئن جوابدارن فحاشي جي الزام هيٺ نوجوان تي وحشياڻو تشدد ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو

کورواهه ۾ چئن جوابدارن فحاشي جي الزام هيٺ نوجوان تي وحشياڻو تشدد ڪري مرڻينگ ڪري ڇڏيو، جوابدارن جي نوجوان تي سري عام تشدد واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي

جڏهن ته پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري مُک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

بااثر جوابدار وچ شهر ۾ نوجوان ممتاز ماڇي تي سري عام تشدد ڪندا رهيا، جنهن دوران نوجوان دانهون ڪندو رهيو  پر ڪنهن به کيس ڇڏائڻ جي ڪوشش نه ڪئي

واقعي بعد نوجوان کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس زخمي نوجوان جي زال جي فرياد تي واقعي جو چئن جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري مُک جوابدار علي محمد مري کي گرفتار ڪري ورتو

پوليس پاران جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو،  جنهن بعد عدالت جوابدار کي هڪ ڏينهن جي رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*