قومي ڪرڪيٽ ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد بنگلاديش جي ٽيم کي 328 رنز تان شڪست ڏئي ڇڏي

ٻن ٽيسٽ ميچز ٻڌل سيريز جي ٻين ۽ آخري ميچ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم هڪ طرفي مقابلي بعد ميزبان بنگلاديش جي ٽِيم کي 328رنز تان شڪست ڏئي سيريز ٻڙي جي ڀيٽ ۾ هڪ ميچ سان پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.

بنگلاديش جي گادي واري شهر ڍاڪا ۾ کيڏي ويل ٻن ٽيسٽ  ميچز تي ٻڌل سيريز جي ٻين ميچ ۾ميزبان ٽيم جي ڪپتان مشفيق الرحيم ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

قومي ڪرڪيٽ ٽيم پهرين اننگ ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي  557رنز اسڪور ڪري اننگ ڊڪلئير ڪري ڇڏي.

قومي ٽيم پاران اظهر علي ٽيسٽ ڪيريئر جي اٺين ۽ پهرين ڊبل سنچري 226 رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿيو، جڏهن ته يونس خان 29هين سنچري    148رنز اسڪور ڪري آئوٽ ٿيو.

اسد شفيق ٽيسٽ ڪيريئر جي ڇهين سنچري 107رنز ٺاهڻ بعد آئوٽ ٿيو.

بنگلاديش جي ٽيم پاران تيج الاسلام 3، محمد شاهد ۽شواگاتا هوم 2-2، جڏهن ته شڪيب الحسن هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

بنگلاديش جي ٽيم پنهنجي پهرين اننگ ۾ 203 رنز ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ شڪيب الحسن 89رنز جي اننگ کيڏي ٽاپ اسڪورر رهيو ۽اهڙي طرح کين فالون آن ٿيو.

قومي ٽيم پاران وهاب رياض ۽ياسر شاهه 3-3، جنيد خان 2 ۽ محمد حفيظ هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

پهرين اننگ ۾ 354 رنز جي برتري حاصل ڪرڻ بعد ٻي اننگ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان مصباح الحق 6 وڪيٽن جي نقصان تي 195رنز اسڪور ڪري اننگ ڊڪلئير ڪري ڇڏي ۽ ميزبان ٽيم کي ميچ کٽڻ لاءِ 550رنز جو ٽارگيٽ ڏنو.

قومي ٽيم جي ٻين اننگ ۾ مصباح الحق 82رنز جي اننگ کيڏي، جڏهن ته يونس خان 39 ۽ اظهر علي 25رنز اسڪور ڪيون.

بنگلاديش جي ٽيم پاران محمد شاهد 2، جڏهن تيج الاسلام، سوميا سرڪار، محمود الله هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

بنگلاديش جي ٽيم پاڪستان  پاران ميچ کٽڻ لاءِ مليل 550رنز جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ پوري ٽيم 221 رنز تي آئوٽ ٿي وئي ۽ اهڙي طرح کين 328رنز تان شڪست ملي.

بنگلاديش جي ٽيم پاران ٻي اننگ ۾ مومن الحق 68،تميم اقبال 42 ۽ شواگاتا هوم 39 رنز جي اننگ کيڏي نمايابيٽسمين رهيو.

پاڪستان جي ٽيم پاران ياسر شاهه 4، عمران خان 2، جڏهن ته جنيد خان، وهاب رياض ۽ محمد حفيظ هڪ-هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.

 قومي ٽيم جي اظهر علي کي مين آف دي ميچ ۽ مين آف دي سيريز جو ايوارڊ ڏنو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*