سينيٽ چيئرمين رضا رباني، پنجاب جي نامزد گورنر رفيق رجوانه جي سينيٽرشپ تان استعيفيٰ منظور ڪري ورتي

سينيٽ چيئرمين رضا رباني، پنجاب جي نامزد گورنر رفيق رجوانه جي سينيٽرشپ تان استعيفيٰ منظور ڪري ورتي آهي.

پنجاب جو گورنر نامزد ٿيڻ بعد رفيق رجوانه سينيٽرشپ تان استعيفيٰ سينيٽ چيئرمين ڏانهن اماڻي ڇڏي هئي.

سينيٽ چيئرمين جي منظوريءَ بعد سينيٽ سيڪريٽريٽ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.

رفيق رجوانه جو تعلق ملتان سان آهي، وزيراعظم نواز شريف کيس ڪجهه ڏينهن اڳ پنجاب جو گورنر نامزد ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*