آرمي چيف جنرل قمر جاويد  باجوه چيو آهي ته ملڪ ۾ داخلي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي

آرمي چيف جنرل قمر جاويد  باجوه چيو آهي ته ملڪ ۾ داخلي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي، جنهن جا اقتصادي سرگرمين تي مثبت اثر پئجي رهيا آهن

ڪراچي ۾ آرمي آڊيٽوريم ۾ سيمينار کي خطاب ڪندي  آرمي چيف چيو ته سيڪيورٽي جي صورتحال  کي متوازن رکڻ لاءِ  اقتصادي ترقي اڻٽر آهي.آئي ايس پي آر  جي ڊي جي ميجر جنرل آصف غفور جي ٽوئيٽ مطابق معيشت ۽ سيڪيورٽي جي عنوان تحت  آرمي آڊيٽوريم ۾ سيمينار ٿيو.

آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوهه تقريب جي ميزباني ڪئي

سيمينار ۾ سموري ملڪ مان واپاري اڳواڻن ۽ معاشي ماهرن شرڪت ڪئي

آئي ايس پي آر مطابق سيمينار ۾ سينيٽر مشاهد حسين سيد، ڊاڪٽر اشفاق حسن، ڊاڪٽر فرخ سليم ۽  ڊاڪٽر اينول حسن شرڪت ڪئي

ايف ڊبليو او جي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل ۽ ڊاڪٽر سلمان شاهه به سيمينار ۾ شرڪت ڪئي

آرمي چيف چيو ته قومي سلامتي جو سڌو  واسطو معيشت سان آهي، انهن مباحثن جو مقصد  سمورين ڌرين کي هڪ  پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي

ان موقعي تي حڪومتي ٽيم واپارين کي ملڪي معيشت جي حوالي سان بريفنگ پڻ ڏني

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*