ذوالفقار مرزا کي جي يو آءِ ۾ شموليت جي دعوت ڏيون ٿا، راشد محمود سومرو

جي يو آءِ جي مرڪزي اڳواڻ راشد محمود سومرو چيو آهي ته ذوالفقار مرزا صرف 2 سيڪڙو راز فاش ڪيا آهن ۽ 98 سيڪڙو باقي آهن، هن سنڌي عوام لاءِ حق سچ جي ڳالهه ڪئي آهي.

ڪنڌڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راشد محمود سومرو جو چوڻ هو ته ذوالفقار مرزا جي بيانن جي تائيد ڪندي کيس جي يو آءِ ۾ شموليت جي دعوت ڏيون ٿا.

راشد محمود سومرو چيو ته ذوالفقار مرزا هڪ سنڌي عوام لاءِ حق ۽ سچ جي ڳالهه ڪئي آهي.

راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ هڪ سيٽ کٽي آهي ته ڌار صوبي جو مطالبو ڪري رهي آهي.

هن چيو ته ڪراچي کي ڌار صوبو بڻائڻ واريون ڳالهيون ڪندڙ اهمڪن جي جنت ۾ رهن ٿا.

راشد محمود سومرو جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ قبيلائي جهيڙا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪراچي جهيڙو ٽارگيٽڊ آپريشن شروع ڪيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*